رحمة للعالمين صلي الله عليه وسلم

رحمة للعالمين صلي الله عليه وسلم

رحمة للعالمين صلي الله عليه وسلم

رحمة للعالمين صلي الله عليه وسلم (ڪتاب): سيرت النبي صلي الله عليه وسلم بابت هي ڪتاب اصل ۾ توفيق الحڪم، عربيءَ ۾ لکيو هو، جنهن کي عربيءَ مان اردوءَ ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ترجمو ڪيو. ان ڪتاب جو اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو پروفيسر اسدالله ڀُٽي ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ولادت کان وٺي وصال تائين جي تاريخ کي منظر نگاريءَ سان ۽ مڪالمن جي صورت ۾ عمدي انداز ۾ لکيو ويو آهي. پڙهندڙ پوري ڪتاب کي پڙهڻ دوران ڪٿي به بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي سيرت پاڪ کي سمجھڻ لاءِ هي هڪ اهم ڪتاب آهي.
ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور جي سيڪريٽري، قمر ميمڻ پبلشر نوٽ لکيو آهي. ڪتاب جا پيش لفظ محمد يوسف شيخ لکيا آهن، جڏهن ته مترجم پروفيسر اسد الله ڀٽي به پنهنجي پاران خيالن جي اظهار جي طور مختصر تحرير ڏني آهي.
ڪتاب جي سنڌي ترجمي جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ تنظيم ’فڪر و نظر‘ ڇپايو هو، جڏهن ته هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ترتيبوار فيبروري 2001ع ۽ مارچ 2003ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڊيمي سائيز جي 264 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب پڪي بائينڊنگ ۾ رنگين ٽائيٽل سان سينگاريل آهي، جنهن جي قيمت 90 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو